حاجي شاد راڄڙ

حاجي شاد راڄڙ

حاجي شاد راڄڙ

حاجي شاد راڄڙ: نوجوان ليکڪ حاجي خان ولد بلاول راڄڙ، 11 نومبر 1979ع ۾ ڳوٺ لقمان راڄڙ (جوهيلي) تعلقي کپري، ضلعي سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو. 1991ع ۾ پنج درجا سنڌي پنهنجي ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ 1996ع ۾ هاءِ اسڪول، لوڻ کاڻ مان مڪمل ڪيائين. انٽر ڊگري ڪاليج کپري مان، بي. اي ۽ ايم. اي 2002ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. هن بي. ايڊ پڻ ڪئي سنڌي ادب ۾ لکڻ ڏانهن مستقل لاڙو رکيائين.
94-1993ع ۾ ادبي رسالي ماهوار لڙڪ مئگزين جا 12 پرچا، ادبي دوستن جي سهڪار سان کپري مان شايع ڪيائين.
سندس نمايان ادبي ڪم حر تحريڪ بابت سهيڙيل مواد تي مبني ٻه ڪتاب (1) ’سورهيه جو سڏ‘ ۽ (2) ’پارس پاڳارا‘ ڇپائڻ آهي. جيڪي ترتيبوار سال 2011ع ۽ 2012ع ۾ شايع ٿيا آهن. کوڙ ساريون ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا اٿس. جيڪي سنڌ جي مشهور رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. روزاني ’ڪاوش‘ ۾ سينسر بورڊ ميمبر ۽ روزاني ’سنڌو‘ ۾ بطور سب ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. هن وقت ڳوٺ لقمان راڄڙ (جوهيلي) تعلقي کپري ۾ رهي ٿو.


لفظ حاجي شاد راڄڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو